برهمو سماج

برهمو سماج: ’برهمو‘ مت جي جماعت، جيڪا راجا رام موهن راءِ بنگال ۾ ٺاهي هئي ۽ پوءِ سڄي هندستان ۾ پکڙجي وئي. هندو سماج جي سڌاري لاءِ ڪلڪتي ۾ ”برهمو سڀا“ نالي سان هڪڙي انجمن، 20 آگسٽ 1828ع ۾ قائم ٿي، جنهن جو باني رام موهن راءِ هو. هُن جي ڪوششن سان انهيءَ سال ئي ”سَتِي لڪڙيءَ“ جي رسم قانوناً ختم ڪئي وئي. هن انجمن جو بنياد ’وحدت الوجود‘ جي فلسفي تي رکيو ويو هو، مگر برهمو سماج جي پوڄا گهر ۾ اڳواڻي فقط برهمڻ ئي ڪري سگهيو ٿي. سڀا جو پهريون منتري تاراچند چڪرورتي هو. ٻن سالن ۾ هيءَ تحريڪ ايتري مقبول ٿي وئي، جو ”برهمو فرقو“ وجود ۾ اچي ويو، ۽ ان فرقي جي عبادت لاءِ رام موهن راءِ پنهنجي ذاتي خرچ سان عبادت خانا ٺهرايا. برهمو سماج جي پوئلڳن ۾ رابندرناٿ ٽئگور ۽ ڪيشب چندريسن جا نالا قابل ذڪر آهن. پاڪستان کان اڳ حيدرآباد توڙي ڪراچيءَ ۾ برهمو سماج جا مرڪز هوندا هئا، جن ۾ هر مهيني ويا کياڻ ٿيندو هو .


لفظ برهمو سماجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو